بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جو ا??ن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام س??ن جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اس??ن جي سڀني ڪوششن جي ڪاميابي افغانستان ۾ استحڪام س??ن جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اس??ن جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان ۽ چين کي افغان عملدارن سان پنهنجي موقف جو حصيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو افغان ڌر کي ٻڌئڻ جو به موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي افغانست??ن جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس لاءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي لا??ِ هڪ مستحڪم، پرا??ن ۽ خوشحال افغانست??ن جي حوالي سان اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته افغانستان ۾ ا??ن ۽ استحڪام جي واپسي جو پاڪستان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند نه آهي، خطي جو ا??ن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام س??ن جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اس??ن جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن ته ان کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس افعانست??ن جي حمايت ۾ عالمي برادري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪامياب موقعو هو. افغانست??ن جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس افعانستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف لاءِ انتهائي اهم آهي، اسان عالمي برادري خاص طور پاڙيسرين پاران افغانستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته اسان کي افغان عملدارن ۽ عالمي برادري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، عالمي برادري رابطن جي اڳين مرحلي ۾ افغان عملدارن طرف ڏسي رهي آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو خطرو هاڻي پهرين کان به وڌيڪ آهي، پرڏيهي وزير چيو ته انهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت افغان عملدارن جي تازي فيصلي تي عالمي برادري جي ڳڻتي فضول نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عملدار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي عملدرآمد ڪندا ۽ عالمي برادري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون افغان وفد کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ ??را??ن ۽ مستحڪم افغانست??ن جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پاڪستان، عالمي برادري تي به زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ اضافي طريقن تي به غور ڪن، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ ا??ن ۽ استحڪام لا??ِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي اميد آهي ته افغان عملدار هڪ ??رامن دوست آهن ۽ مستحڪم افغانست??ن جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهندا.