اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر جي نمبرن جي حوالي سان ڪيل دعويٰ حقيقت تي ٻڌل نه آهي. ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ ??يان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ج??ڪڏ???? مخالف ڌر جي دعويٰ حقيقي هجي ها ته کيس ايتري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي ها، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو اتحادين سان ساڍا ٽن سالن جو تعلق ۽ رابطو آهي، اسان سان ملڪ کي سنوارڻ لاءِ گڏيل ڪوششن ۾ شامل رهيا آهن. اتحادين سان اسان جي رابطن ۾ هڪ ??سلسل آهي جڏهن ته مخالف ڌر ان جي رستي ۾ رڪاوٽون بيهاريندي رهندي آهي، جڏهن ويڇا وڌيڪ هجن ته زور به وڌيڪ لڳائڻو پوندو آهي. هن چيو ته اڄ ج??ڪڏ??ن نون ليگ، ق ليگ کي آڇون ڪري رهي آهي ته ڇا ق ليگ جا دوست نٿا ڄاڻن ته 2018 جي اليڪشنز ۾ هنن ق ليگ جي رستي ۾ ڪيتريُون مشڪلاتون پيدا ڪيُون هُيون، ڇا ايم ڪيو ايم جا ماڻهو ??ٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ پيپلزپارٽي پاران آندل بلدياتي قانون جي خلاف اهي سراپا احت??اج هئا ۽ اسان انهن سان رابطي ۾ هئاسين ته ڇا اهو سلوڪ کين ياد نه هوندو؟ ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالا اقتدار ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انهن جي ووٽرز سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ شاهه محمود قريشي چيو ته وقتي ملاقاتن جي بنياد تي صورتحال جو درست تجزيو نٿو ڪري سگهجي، جڏهن اسان صورتحال کي تسلسل جي زاويي سان ڏسون ٿا ته اطمينان ٿيندو آهي.