اسلام آباد ??? 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته يوڪرائن جي صورتحال سان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حا??تن کي معمول تي آڻڻ ۽ فوري سيز فائر جي ضر??رت آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ فوجي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حا??تون معمول تي آڻڻ جي ضر??رت تي ز??ر ڏنو. هن انساني امداد جي ضر??رت تي ز??ر ڏيندي چيو ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري سان حل ڪرڻ جي ضر??رت آهي، اسان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ ل??ءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آهي.