اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ مولانا ظفر علي خان جي ??حافتي ميراث تي عمل پيرا ٿيڻ جي ??رورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان ٽرسٽ جي چيئرمين خالد محمود جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولانا ظفر علي خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صحافت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صحافت جي فروغ لاءِ مولانا جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته مولانا جي ??عليم قوم جي ??عمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي مولانا ظفر علي خان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي ??رورت آهي، ايندڙ نسلن کي صحافت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي ??عبن ۾ مولانا جي ??ندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وفد پاران صدر کي مولانا ظفر علي خان ميموريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وفد مولانا جي ??حافتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي ??والي سان ٽرسٽ جي ??دمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولانا جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ?? ان جي ??ندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي مولانا ظفر علي خان مرحوم جي ??دبي تخليقن جي ??حفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.