اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 20 پرڏيهي وزيرن ۽ 10 نائب پرڏيهي وزير?? جي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت پاڪستا?? جي وڏي ڪاميابي آهي، 437 وفد پاڪستان ۾ منعقد ان تاريخي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان اهم بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ سرخرو ڪيو ۽ ملڪ کي عزت ۽ ڪاميابي عطا فرمائي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان لاءِ ٽرسٽ فنڊ جي قيام ۾ ڪامياب ٿي وياسين ۽ افغانستا?? جي بئنڪنگ ??سٽم جي بحالي بابت قرارداد آندي، اها تمام وڏي اڳڀرائي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ڪردار ادا ??يو، پرڏيهي وزير پرڏيهي آفيس سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ انه?? جي لاڳاپيل شخصيتن جو ٿورو ادا ??يو ۽ چيو ته مسئلو طالبان جو نه آهي، مسئلو 38 ملين افغان عوام جو آهي، افغان عوام بک ۽ ڏڪار کي منهن ڏئي رهي آهي، افغانستان کي دوائن، خوراڪ، جي فوري ضرورت آهي، پگهار ڏيڻ لاءِ پسئا هو??دا ته اسڪولز به هلندا، ايترن ملڪ?? جي نمائندن جو پاڪستان اچن تمام وڏي اڳڀرائي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ ۽ پاڪستاني فوج جو ٿورو ادا ??ريان ٿو، پرڏيهي وزير جي عملي محنت ڪري ڪانفرنس کي ڪامياب بڻايو، پاڪستان ۽ غير ملڪي ميڊيا جنهن ان غير معمولي ۽ تاريخي اجلاس کي رپورٽ ڪيو ان جو به ٿورائتو آهيان، دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ سدائين سرخرو رکي.