اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي اردن جي پنهنجي هم منصب ا??من صفادي ملاقات ڪئي. اردني پرڏيهي وزير شاهه اردن پاران پاڪستاني قوم کي محبت ۽ خيرسگالي جو ??يغام پهچايو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي اسان جي گڏيل ثقافت ۽ تاريخي قدرن سان واڳيل آه??. پ??ڏيهي وزير پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ بهتر پاليسي ڪوآرڊينيشن ۽ ٻطرفن رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان پاڪستان اردن گڏيل وزارتي ڪميشن ۽ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ جلد ڳالهيون منعقد ڪرڻ جا منتظر آهيو??. پ??ڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو وڌائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير اردني پرڏيهي وزير جو ڌيان اردن ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي کي درپيش مسئلن طرف ڇڪرايو. اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيندي کيس اردن جي دوري جي دعوت ڏني.