اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ افغان عو??م جو ساٿ ڏنو آهي، عالمي بر??دري افغان عو??م جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، افغان عو??م جي انساني بنيادن تي هر ممڪن مدد جاري رکنداسين. پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ سندس وفد کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان افغانستان کي انساني همدردي جي بنياد تي سموري ممڪن امداد فراهم ڪنداسين ۽ افغان عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کاڌي جون ضروري شيون، هنگامي طبي اوزار ۽ سرديءَ کان بچڻ جي لاءِ سامان موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان جو سفر ڪندڙ سمورن افغان شهرين کي ڪوويڊ 19 ويڪسين فراهم ڪنداسين. وزيرا??ظم چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي بر??دري تي زور ڏي ٿو ته اها افغانستان جي عوام کي درپيش سنگين انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل ذميواري پوري ڪري.