اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. ??رڏ??هي آفيس جي ترجمان موجب نيوزي لينڊ جي ??رڏ??هي وزير ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ??رڏ??هي وزير افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ افغانستان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو و??ي، ??رڏ??هي وزير نيوزي لينڊ جي ??رڏ??هي وزير کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪ??و، هن چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. نيوزي لينڊ جي ??رڏ??هي وزير نيوزي لينڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي ??يا??ت جو ٿورو ادا ڪيو. ??رڏ??هي وزير نيوزيلينڊ جي ??رڏ??هي وزير کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪ??و ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، ??رڏ??هي وزير فيٽف جي حوالي سان پاڪستان پاران کنيل موثر قدمن کان نيوزي لينڊ جي ??رڏ??هي وزير کي آگاهه ڪ??دي اميد ظاهر ڪئي ته نيوزيلينڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ??رڏ??هي وزير نيوزيلينڊ جي ??رڏ??هي وزير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي ??رڏ??هي وزيرن پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.