اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي 56 هين شهادت جي ڏ??اڙي تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي سيپٽمبر جن?? دوران جن?? جي ميدان ۾ جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکندڙ هيرو آهي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته عزيز ڀٽي پنهنجي ڪمپني سان گڏ 6 ڏينهن ۽ راتيون لڳاتار دشمن کي نه رڳو روڪي رکيو پر بدترين شڪست به ڏني، بي مثال شجاعت جي اعتراف ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد کي سڀ کان وڏي ف??جي اعزاز نشا?? حيدر سان نوازيو ويو. سندس چوڻ هو ته قوم پاڪ زمين جي ان عظيم فرزند کي سلام پيش ڪري ٿي.