بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بهاولپور جي دوري جي موقعي تي اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم يونيورسٽي ۾ عالمي معيار جي تدريسي سهولتن سا?? ليس نرسنگ ڪاليج جو افتتاح ڪيو، نرسنگ ڪاليج نه رڳو خطي ۾ نرسنگ جي حوالي سا?? موجود افرادي قوت جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ڏکڻ پنجاب جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ قائم ڪيل اسلاميه يونيورسٽي جي بغداد الجديد ڪئمپس ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 2.5 ميگاواٽ جي سولر منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو. منصوبو نه رڳو يونيورسٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ان سا?? ملندڙ اضافي بجلي ميپڪو کي فراهم ڪئي ويندي، منصوبي سا?? حاصل ٿيندڙ بجلي جو يونٽ رڳو 1.7 رپين ۾ ميسر ايندو ۽ 25 سا??ن جي مدي ۾ اهو منصوبو مجموعي طور تي قومي ناڻي کي 45 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهچائيندو، اهو نه رڳو ٻين ادارن جي لاءِ مشعل راهه هوندو پر يونيورسٽي ۾ شاگردن کي عملي تعليم ۽ مشاهدي جو موقعو پڻ فراهم ڪندو. بهاولپور ڊويزن ۾ ڪپهه جي فصل جي اهميت جي ڏس ۾ وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ادارو ڪپهه جي فصل ۾ گهٽ وسيلن سا?? وڌيڪ پيداوار تي تحقيق ذريعي ڪپهه جي پوکيءَ ۾ جدت آڻي رهيو آهي. تحقيق ٿيل قسمن ۾ هيستائين 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي، 50 سيڪڙو گهٽ جيت مار دوائن جي استعمال، 35 سيڪڙو گهٽ مجموعي لاڳت سا?? پيداوار ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ج??هن کي 40 سيڪڙو گهٽ لاڳت سا?? 30 سيڪڙو پيداوار ۾ اضافي تائين آڻڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم انٽر ڪراپنگ ريسرچ سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو جتي شروعاتي طور تي اسٽرپ انٽر ڪراپنگ جي ذريعي سويابين ۽ مڪئي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل ٽيڪنيڪ مڪئي جي پوکيءَ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ سويابين جي پيداوار ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سويابين جي پيداوار ۾ اضافي سا?? آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ کاڄرو تيل ۾ پاڪستان ڪاف?? حد تائين پاڻڀرو ٿي سگهندو.