اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي ل??ءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي، اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد جي ل??ءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو چونڊ عمل ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، اي وي ايم جي استعمال سان اليڪشن جي شفافيت کي ممڪن بڻائي سگهبو. هن چيو ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن بابت عوامي ر??ءِ کي متحر?? ڪرڻ جي ل??ءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪامسيٽس ۽ ٻين ادارن جي اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي واري پاڙيسري ملڪ پنهنجي چونڊن کي اي وي ايم ذريعي قابل قبول بڻايو آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي اعتراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آهيون جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت اهم قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ اي وي ايم جي حوالي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اجازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي اختيار نه ڏنو ويو هو. اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪابينا جي فيصلي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت غور ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ بابت بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي سسٽمز جي اپ گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪيو ويندو. ان کانسو??ءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اي وي ايم کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ل??ءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص اجلاس گهرائيندي ته جيئن ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. اي وي ايم کي مختلف باڊيز جي اليڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته حتمي فيصلو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن خاص طور تي اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏيڻ بابت هدايت ڪئي آهي ته اي وي ايم بابت عوامي ر??ءِ جي ل??ءِ متحرڪ مهم شروع ڪئي ??ڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ڪئي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جي ماڊل کي پڻ شامل ڪيو ??ڃي. وفاقي ڪابينا 18 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ پنهنجي اجلاس ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏيڻ جي ل??ءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسو??ءِ ڪابينا 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي هئي ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ??وٽ جو حق ڏيڻ ۽ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي ل??ءِ چونڊ سڌارن بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ??ڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني. ان کانسو??ءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو هو ته مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ اي وي ايم جو ماڊل مظاهري جي ل??ءِ 17 جول??ءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي اي ۽ نسٽ جي ذريعي تيار ڪيو ويندو.