اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان??اني معاشري جي بهتري لاءِ ت??لي?? سان تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته علم سان گڏوگڏ معاشري جو درد محسوس ڪرڻ ۽ انڪساري به ضروري آهي، سڄي دنيا ۾ علم تي ٻڌل معيشت جو دور اچي رهيو آهي، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ملي رهيو آهي، نالج اڪانومي جي بنياد تي ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، معاشري مان بدعنواني جو خاتمو اڻٽر آهي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ جي 25 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ جي ريڪٽر امين الله خان، اي ڊي شڪيل دراني ۽ پروفيسر وسيم احمد خان به خطاب ڪيو. صدر چيو ته گريجوئيٽ ٿيندڙ شا??ردن، سندن والدين ۽ استادن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو ڇو ته ان ڪاميابي ۾ انهن سڀني جو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته علم جي ڪا به حد نه آهي، نوجوانن کي ان رستي تي هلندي وڌيڪ علم جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. صدر چيو ته دنيا وڏي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ان ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم سان گڏوگڏ سٺي اخلاق، ان??اني همدر??ي ۽ انڪساري اختيار ڪرڻ به ضروري آهي. صدر چيو ته اڄ دنيا ۾ علم جي گهڻائي آهي، چوٿون صنعتي انقلاب وڏي تيزي سان رونما ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اهڙي ۾ پاڪستان کي تيار رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ مقابلي جي لاءِ ذهانت کي فروغ ڏيڻو پوندو، ??اڻ?? صرف قدرتي وسيلن جي بنياد تي ڊگهي ترقي ممڪن نه آهي پر ان جي لاءِ ذهانت ۽ فڪر کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، ان ميدان ۾ پاڪستان مقام پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان مقصد جي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي ڪفايت شعاري جي فروغ، بدعنواني جي خاتمي ۽ وقت سر درست فيصلن جي اهميت تي زور ڏيندي ان حوالي سان موجوده حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران وزيراعظم جي ان??اني همدردي تي ٻڌل سمارٽ حڪمت عملي تحت ملڪ کي ڪاميابي حاصل ٿي. صدر ت??لي??ي ادارن تي زور ڏنو ته هو تيزي سان بدلجندڙ رجحانن کي نظر ۾ رکندي آن لائين ت??لي?? جهڙا طريقا اختيار ڪرڻ تي ڌيان ڏي ته جئين وڌ کان وڌ آبادي کي معياري ت??لي?? تائين پهچ آسان ٿي سگهي. صدر مملڪت غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ جي ملڪ ۾ ت??لي?? جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي ريڪٽر غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ امين الله خان ۽ ٻين ايوان صدر ۾ ڪانووڪيشن تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن اداري جي ڪارڪرد??ي ۽ نمايان ڪاميابين کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ بهترين ان??نيئرز ۽ سائنسدان تيار ڪرڻ جي تاريخ رکي ٿو، هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن جي اهميت جي پيش نظر جديد علم ۾ پروگرام متعارف ڪرايا ويا آهن. هن نوجوانن جي ت??لي?? ۽ تربيت جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. تقريب ۾ صدر مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شا??ردن ۽ شا??ردياڻين ۾ سندن سان گڏوگڏ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ميڊلز به ورهايا.