اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن معاشري ۾ عورتن جي بلند مقام ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، دين اسلام عورتن کي بي مثال حق ڏنا آهن، پاڪستان جو آئين عورتن جي ح??ن جو ضامن آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ??ردار ادا ڪيو آهي، معاشري کي مهذب ۽ روشن خيال بڻائڻ لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي. هن چيو ته عورتن کي ترقي جي برابر موقعن ۽ حقن جي يقيني فراهمي ??ان معاشري ۾ طاقتور ۽ محفوظ بڻائڻ ا??ان جو پختو عزم آهي.