اسلام آب??د – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آب??د مان سينيٽ جي ٻن خالي سيٽن تي هڪ سيٽ مخالف ڌر جڏه?? ته ٻي حڪمران ڌر تحريڪ انصاف حاصل ڪري ورتي، پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ ??ڻي جنرل سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏه?? ته عورتن جي مخصوص سيٽ تي تحريڪ انصاف جي فوزيه ارشد 174 ووٽ ??ڻي ڪامياب رهي، تحريڪ انصاف جي اميدوار عبدالحفيظ شيخ کي جنرل سيٽ تي 164 جڏه?? ته مسلم ليگ (ن) جي عورت سيٽ تي اميدوار فرزانه ڪوثر کي 161 ووٽ مليا، جنرل سيٽ تي 7 جڏه?? ته عورتن جي سيٽ تي 5 ووٽ رد قرار ڏنا ويا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي سيٽن جي نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي هڪ جنرل ۽ هڪ عورتن جي سيٽ تي پولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي ايوان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏه?? ته اين اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو، جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 1 کان اين اي 171 جڏه?? ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اين اي 172 کان ان اين اي 342 تائ??ن ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ??اسٽ ڪيو. هو هال ۾ ويهڻ بدران پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري واپس هليو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وزير کي نيب ۽ پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندا ويا. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير ايوان ۾ موجود رهيا. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏه?? ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جنهن ان تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ ۽ علي گوهر خان جڏه?? ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ۽ عبدالقادر پٽيل ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. رٽرننگ آفيسر نتيجي جو اعلان ڪيو جنهن موجب جنرل سيٽ تي سيد يوسف رضا گيلاني ۽ عورتن جي سيٽ تي فوزيه ارشد ڪامياب قرار ڏنا ويا.