اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ورونا وائرس سبب پنجاب ۾سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪي??ن ويون، ان ??انپوءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ورونا وائرس سبب 80 فوتگيون ٿيون جنهن ??ان 44 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪي?? انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ورونا جا 2615 نوان مثبت ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 80 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن ??ان 68 ماڻهو اسپتالن ۾ جڏهن ته 12 ماڻهو گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 46 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 44 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن، اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن وارن بسترن تي راولپنڊي ۾ 40 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، پشاور ۾ 58 سيڪڙو ۽ ايبٽ آباد ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ووڊ – 19 جا 37 هزار 206 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ??ان سنڌ ۾ 10 هزار 372، پنجاب ۾ 14 هزار 622، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 488، اسلام آباد ۾ 5 هزار 403، بلوچستان ۾ 428، گلگت بلتستان ۾ 412، آزاد ڪشمير ۾ 481 ٽيسٽ شامل آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 ??ان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 4 لک 7 هزار 405 ٿي چڪو آهي.