ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني آزادي ج?? ڊائمنڊ جوبلي ج?? موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ اسان جي بزرگن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون. سنڌ جي وقتي گورنر جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزادي هڪ نعمت آهي ۽ اسان کي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪرڻ گهرجن ته هن اسان کي هڪ آزاد رياست سان نوازيو آهي ج??هن ۾ سمورن مذهبن جي پيروڪارن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي ج?? مڪمل آزادي سان سمورن رنگ ۽ نسل جي شهرين کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسان کي گذريل 75 سالن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ج?? ل??ءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي هن پاڪ ملڪ کي عالمي دنيا جي افق تي نم??يا?? مقام ڏياريون.