اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غير قانوني، غير اخ??اق?? ۽ غير آئيني قدمن جي مذمت ۽ ڀارت?? فوجي گهراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ ج?? موقعي تي جمعي تي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو ويندو. حڪومت استحصال جي ڏهاڙي ج?? موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ سيمينار ۽ ڪانفرنسن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اھتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڊيون وينديون، جنهن ۾ هر طبقي جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. سڄي قوم پنھنجي ڪشميرين ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي ته پاڪستاني عوام انهن جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارت?? فوج جي ظلم جي خلاف هميشه انهن سان گڏ بيٺل رهندا. لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019 جي ڀارت جي خلاف غير آئيني قدمن جي مذمت جي لاءِ يوم استحصال ملهائيندا. ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريليون ۽ ٻين سرگرمين جي ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون سيمينارن ۽ ٻين پروگرامن جو به اهتمام ڪنديُون. يوم استحصال ج?? موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄ??يا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلن تي پاڪستان ۽ آزاد جمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄ??يا ويندا. ان کان پوءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي واري هنڌن جي اهم روڊن تي ڪشميرين جي حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوجين پاران ٿيندڙ ظلم کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽر لڳ??يا ويا آهن. 5 آگسٽ 2019 ت?? مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيه جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏ??و هو، ان قانون جي تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.