اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪومت جي خاتمي بعد افغانستان کي خوشح??لي??َ جي ??اه?? تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو وڌيڪ فعال راهدارين مان هڪ آه??، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آه??. اخبار موجب بيلٽ اينڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچي جي ترقي جي رٿا آه?? جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انسانيت جي گڏيل مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادريءَ جي تعمير ڪرڻ آه??. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي برادريءَ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آه??. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سرب??اه?? افغان عوام جي ترقي ۽ خوشح??لي??َ لاءِ چين سان ڀائيواريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آه??، جڏهن ته طالبان عالمي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري رهيا آه?? ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آه?? ته اهي افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏهن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان کي يقين ڏياريو آه?? ته اهي دهشتگردن کي افغان ڌر??ي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان پنهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ان سان پوري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.