اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ هلي پئي آهي، ٽي ڏينهن تائين جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سٺو نه ڏٺو ويندو. وزيراعظم عمران خان 5 سال پورا ڪندو، ض??عي انتظاميه ۽ پوليس اسلام آباد کي مثالي شهر بڻائي طاقتورن کي پڪڙن، ملڪ جو اصل مسئلو هي آهي ته صرف غريب ئي قا??ون جي پڪڙ ۾ اچي ٿو. گذريل ڏينهن ايگل اسڪواڊ جي فليگ مارچ جي تقريب جي موقعي تي م??ڊي?? جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد پوليس ۽ ض??عي انتظاميه گادي واري شهر کي مثالي شهر بڻائي اسلام آباد کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي، آئس ۽ هيروئن جي وڏن وڏن ڊيلرن ۽ ريڪٽس کي پڪڙيو وڃي، قا??ون صرف غريبن خلاف حرڪت ۾ نه اچي، ملڪ جو اصل مسئلو اهو ئي آهي ته غريب قا??ون جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو، جڏهن ته وڏن ماڻهن خل??ف ڪارروائي نٿي ٿئي.