اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 708 ??ري??ن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 21 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 20 متاثر ??ري?? اسپتالن ۾ ۽ هڪ ??ري?? گهر ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 989 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 273، پنجاب ۾ 11 هزار 388، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 877، اسلام آباد ۾ 5 هزار 453 ، بلوچستان ۾ 688 ، گلگت بلتستان ۾ 372، آزاد ڪشمير ۾ 938 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 20 هزار 65 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به ??ري?? هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 855 وينٽيل??ٽر?? تي ڪووڊ 19 جا 197 ??ري?? آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 21 هزار 98 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 48 هزار 184 آهي.