اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي، ان واقعي جا اس??ن جي ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته لاهور ج?? واقعي تي بحث ??ئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي ۽ ??ن جا ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي ??نهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين جي تحفظ جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. اس??ن جون به ٻارڙيون، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئلي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ڪرڻ گهرجن. سيد نويد قمر چيو ته لاهور ج?? واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪست??ن جو شهري بڻجي پنهنجي راءِ ڏين. جتي جتي ڪوتاهي آهي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن.