اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ??عميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گ??رن??، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ??اڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي وفاقي گادي واري شهر ۾ تعميرات جي شعبي ۾ ڏنل مراعتن، ڪمرشل، رهائشي تعميرات جي حوالي سان هيستائين ڏنل منظورين، و??جه?? مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ منصوبن، پارڪ انڪليو ٿري منصوبي ۽ بليو ايريا ۾ ڪمرشل پلاٽس جي نيلامي ۾ اڳڀرائي ۽ سي ڊي اي جي مڪمل آٽوميشن تي بريفنگ ڏني.