اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني جو مقصد ان عزم جو ورجاءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پ??هن??ي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي وبا سڄي انسانيت جي لاءِ چ??لي??ج بڻجي آئي آهي. م??هن??ي پاڪستاني قوم کي اها درخواست آهي ته قرباني جي عيد جي موقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قرباني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. م??هن??ي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا کي منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرمائي ۽ انهن کي بهترين اجر عطا ف??مائي ۽ اسان کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا ف??مائي.