اسلام آ??اد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۽ ملڪ ۾ گئس جي قيمتن جي تعين جي نظام بابت معاملن تي غور ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اج??اس منعقد ٿيو، اج??اس ۾ وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، پرويز خٽڪ، ڊا??ٽر فهميده مرزا، امين الحق، اسد عمر، عمر ايوب خان، ميان محمد سومرو، صلاحڪارن ڊا??ٽر حفيظ شيخ، ڊا??ٽر عشرت حسين، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، خا?? مددگار ڊا??ٽر شهباز گل، نديم بابر، شهزاد قاسم ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ڪي اليڪٽرڪ بابت ٽيرف ۾ اضافي جي تجويز تي غور ڪندي اج??اس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جنوري ۾ نيپرا جي سفارشن موجب سڄي ملڪ ۾ ٽيرف ۾ اضافو ڪيو ويو هو تنهن هوندي به ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري وفاقي حڪومت کي سراسري ٽي کان چار ارب روپيا ماهوار جي سبسڊي ڏيڻي پئجي رهي آهي،