اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ مظلوم ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ آزادي کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي غيرذميواراڻن قدمن جي ڪري امن ۽ سلامتي کي خطرن کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، 5 آگ??ٽ 2019ع کان ڀارتي حڪومت پاران انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انگ ۽ ان جي شدت ۾ ا??اف?? ٿيو آهي، نام نهاد وڏي جمهوريت هجڻ جو دعويدار ڀارت جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن سال ڪشمير جو ڪارو ڏينهن جيڪو پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ماضي جي ڀيٽ ۾ مختلف ۽ نمايان آهي، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڄمون ۽ ڪ??مير تي قبضو ڪيو ۽ 5 آگ??ٽ 2019ع ت?? وڌيڪ هڪ طرفن قدمن ذريعي اڳ ۾ ئي تڪراري علائقي جي حيثيت ۾ ترميمون ڪندي آبادياتي ڍانچي ۽ سڃاڻپ کي تبديل ڪري ڇڏيو.