اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪوم??، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحو?? ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هڪ سادي تقريب ۾ وفاقي حڪوم??، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي عملدرآمد جي لاءِ صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، پنجاب هيلٿ انيشيٽوز مئنيجمينٽ ڪمپن?? جي سي اي او علي رزاق ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين شعيب جاويد حسين صحيحو?? ڪيون. وزيراعظم عمران خان 13 ڊسمبر 2021ع تي لاهور ۾ پنجاب جي سمورن شهرين جي لاءِ صحت سهولت پروگرام جو اعلا?? ڪيو هو. سوشل هيلٿ پروٽيڪشن جي ان قدم جي ذريعي غريب خاندانن کي سڄي ملڪ ۾ مخصوص اسپتالن کان هر سال 10 لک رپيا في خاندان علاج جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. صحت ڪار?? جي ذريعي اوپن هارٽ سرجري، اسٽنٽس لڳرائن، ڪينسر، نيورو سرجري، برين مئنيجمينٽ، حادثن، ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت، ڊليوري، سي سيڪشن ۽ گڙد?? جي پيوندڪاري سان گڏ ٻئي طبي سرجيڪل علاج جي سهولت حاصل هوندي. سڄي ملڪ ۾ فهرست ۾ شامل ڪنهن به اسپتال مان مفت علاج جي لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاضلاع?? جي سطح تي سهولت حاصل هوندي.