اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته واپار کي فروغ ڏيڻ لا??ِ نئين منڊين جي ڳولا ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا موج??د آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موج??د آهن. اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي افغانستان بابت ايلچي صادق خان وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايوب آفريدي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪريم خان، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، ڪامرس سيڪريٽري ۽ انڊسٽري و??ري سيڪريٽري شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ واپار، افغان ٽرانزنٽ ٽريڊ ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪ??ري کي فروغ ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي، اسپيڪر اسد قيصر ان موقعي تي چيو ته وچ ايشيائي رياستون وڏيون واپ??ري منڊيون آهن، جنهن تائين پهچ لا??ِ ڪي پي ڪي، افغانستان گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته واپ??ري خس??ري کي گهٽ ڪرڻ لا??ِ نئين منڊين جي ڳولا ضروري آهي، مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ۽ ٻاهرين واپار کي فروغ ڏيڻ لا??ِ اڳوڻي فاٽا ۽ پاڪ افغان باڊر کي اڪنامڪ زون قائم ڪيا وڃن، اسد قيصر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ٻاهرين واپار جي فروغ لا??ِ خصوصي ٽيڪينڪل گروپ جوڙيا وڃن، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻاهرين واپار جي فروغ جا سڀني کان وڌيڪ موقعا موج??د آهن. جنهن سان واپ??ري سرگرمين ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو آهي، هن هدايت ڪئي ته واپ??ري سرگرمين ۾ ڪنهن به صورت ۾ رڪاوٽ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٽرانزٽ ٽريڊ جي مصنوعات جي پيداوار شروع ڪرڻي آهي ان حوالي سان افغان سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ پيداور جي گهٽتائي آهي تنهن ڪري اسان کي پنهنجي پيداوار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تائين متعارف ڪرايو وڃي. ملڪ ۾ واپ??ري سرگرمين ۾ اضافي سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.