اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي ق??ل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪ?? ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي ق??نون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪ?? ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ??ه ڏني ويندي ۽ اهڙي ق??م جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي ق??م جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنج?? زندگي کي داءُ تي لڳائي پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪ?? ڪندڙن سريلنڪا جي شهري پريانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.