اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چ??ڌر?? فواد حسين چيو آهي ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، ??سان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي مخالف ڌر سان هڪ ڀيرو ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن متفقه چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگهجي. هن چيو ??ه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ان مقصد جي لاءِ ملتوي ڪيو پي?? وڃي، ??سان کي اميد آهي مخالف ڌر انهن اهم سڌارن تي سنجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي مستقبل جي لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري وٺنداسين جهن ته ائين نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سڌارن تان پٺتي نه ٿا هٽي سگهون.