اسلام آباد – 09 8211; آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پهچي ويو. گڏيل عرب ا??ارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر عارف ??لو?? گڏيل عرب ا??ارات جي اعليٰ قيادت سا?? به ملاقات ڪندو ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پويلين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? دبئي ۾ روشن پنهنجو گهر پروگرام جي رونمائي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي موقعي تي صدر دبئي ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سا?? پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.