اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار عامر ش??يل جندران کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ت?? جهلم ضلعي جي تعلقي پنڊ دادن خ??ن جي ڳوٺ پنڊي سيدپور جو جوان نائب صوبيدار عامر ش??يل جندران وزيرستان ۾ ذميواريون سرانجام ڏيندي شهيد ٿيو، 17 گوليون ڇاتيءَ ۾ لڳيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ت?? جهلم جا قبرستان انهن شهيدن جي رت سان مهڪن ٿا. وطن جي مٽيءَ گواهه رهجان، اسان کي توهان تي فخر آهي.