راولپنڊي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سان آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جي ڊائريڪٽر وليم جوزف برنز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائ?? سلامتي ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مط??بق ملاقات ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته پاڪستان پنهنجي عالمي شراڪتدارن سان خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. آمريڪي عهديدار ان موقعي تي افغانستان جي صورتحال بشمول ڪامياب پرڏيهين ج?? واپسيءَ وارو آپريشن ۽ علائقائي استحڪام جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪر??ار ج?? واکاڻ ڪئي. هن هر سطح تي پاڪستان سان سفارتي سهڪار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ ڪر??ار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو.