اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پلي?? فارم تان ترڪي ڪرندڙ ماڻهو کي بچائيندڙ نوجوان پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪي?? آهي. ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته فرض جي شوق سان ادائيگي تي اسان ڪانسٽيبل جمال ڪلهوڙو کي 23 مارچ تي اعزاز ڏيڻ جو فيصلو ڪي?? آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوره المائده جي هڪ آيت ”جنهن هڪ انساني زندگي بچائي ان ڄڻ سڄي انسايت بچائي“ جو ترجمو به شيئر ڪي??. ياد رهي ته هڪ ??ينهن اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم هڪ وڊيو ڪلپ شيئر ڪي?? جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان پوليس اهلڪار ريلوي اسٽيشن تي پنهنجا فرض س??ان??ام ڏئي رهيو هو جڏهن هڪ مسافر پلي?? فارم تان ترڪي ڪريو ته نوجوان پوليس اهلڪار تيزي سان ڊوڙي ڄاڻايل ماڻهو کي ٽرين هيٺ اچڻ کان بچائي ورتو. ان تي وزيراعظم چيو ته فرض س??ان??ام ڏيڻ انتهائي مقدس آهي، هن عوام جي خدمت ۾ مصروف نوجوان پوليس اهلڪار جي جذبي جي واکاڻ ڪئي.