اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آهن انهن جي ڊيمانڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندا، پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ جمهوري حڪومت کي جمهوري انداز سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ آئيني مدو مڪمل ٿي?? جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آهي ته جلسن جلوسن سان ڪا حڪومت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا حڪومت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مل??و، عدالت کا?? ڀڄي ويندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خدمت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان مسئلي لاءِ ڇا ڪيو؟ عمران خان دنيا ?? ڪشمير مسئلي کي زندهه ڪ??و، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر انداز ۾ اٿار??و، مخالف ڌر جمهوري حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ اچڻ آهي. هو نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کا??پوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.