اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي (اين اي پي ايڇ ڊي اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ڪوريا جي ڪمپني جي – سونگو جي پاڪستان ۾ پهرين فيبري ڪيٽڊ هائوس جو افتتاح ڪيو، سومر ڏينهن پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪمپني پاران ڪيٽڊ هائوس جو ڊيمو پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نئون پاڪستان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل عامر اسلم خان سميت ڪمپني جي نمائندن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائين??ي نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته پوئتي پيل ۽ غريب طبقن کي گهٽ لاڳت جي گهرن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد جي لاءِ حڪومت بلڊرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ڪمپني پاران نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي، ڪمپني جي نمائندن ٻڌايو ته ٻن ڪمرن تي ٻڌل ??هر ستن ڏينهن ۾ تيار ڪيو ويو آهي، گهڻين خاصيتن سان گڏ ان ??هر جي ڄمار 50 سال آهي، هن ٻڌايو ته ان ??هر جي تياري ۾ استعمال ٿ??ند?? سامان ٻاهران گهرايو ويو آهي، ان کي ملڪ جي اندر به تيار ڪري سگهجي ٿو، ان ??هر جي تياري ۾ انسوليشن والس استعمال ڪئي وئي آهي، جيڪا راويتي ??هر جي مقابلي ۾ 43 ڀيرا بهتر آهي، جڏهن ته اهو ??هر باهه ۽ زلزلي جي خطرن کان به محفوظ آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪمپني چار ماڙ ??هر ۽ اپارٽمينٽس جي تياري ڪري سگهي ٿي، هن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان نه رڳو غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي پر ٽيڪنالاجي جي حامل تعميراتي ۽ لاڳاپيل شعبن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪمپني جي نمائيندي چيو ته ان جي ڪمپني وزيراعظم عمران خان جي 50 لک گهرن جي تعمير جي ويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، ڪمپني ساليانو 18 هزار ??هر ۽ اپارٽمينٽس تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن ٻڌايو ته وڌيڪ پيداواري سهولتن سان گڏ پيداوا?? ۾ ??ضافو ڪري سگهجي ٿو، ان کان اڳ نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڪمپني پاران تيار ڪيل پهرين فيبريڪيٽڊ ??هر جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر اسلم خان ۽ ٻيا سينئر عهديدار به موجود هئا.