اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ذاتي مفادن لاءِ ملڪ جي سيڪيورٽي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آ??ي، معيشت جي استحڪام لاءِ امن ۽ سياسي استحڪام ضروري آ??ي، اسان چاهيون ٿا ته ادارا مضبوط هجن، انهن جا اڳواڻ پرڏيهه ۾ ويهي ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ دشمن جي زبان نه ڳالهائين، آزاد بلوچستان جو نعرو اسان جي دشمنن جو بيانيو آ??ي، مخالف ڌر کي اهڙو بيانيو نه ڏيڻ گهرجي جنهن سان ملڪ ۾ افراتفري ۽ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿئي، ڪورونا وبا اڃان موجود آهي ختم ناهي ٿي، اسان کي وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، معيشت کي ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ ۾ مخالف ڌر ميمب??ن پاران پشآور ۾ دهشتگردي جي واقعي جي حوالي سان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ڪيو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جيڪي شهادتون ٿيون آهن انهن تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پوري ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آ??ي، وزيراعظم ب?? ان حوالي سان پنهنجو بيان جاري ڪيو ۽ سڄي دنيا ۾ اسلاموفوبيا جي حوالي سان اسلامي ملڪن جي سربراهن کي خط به لکيو ويو آ??ي، گستاخي رسول ﷺ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.