اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي اتر ڏکڻ گئس پائپ لائن پر??جيڪٽ تي عملدرآمد جي صورتحال ۽ پاور پلانٽس جي لاءِ هائي سلفر فرنس آئل (ايڇ ايس ايف او) ۽ لائٽ سلفر فرنس آئل (ايل ايس ايف او) جي گهرج جو جائزو ورتو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي سردي جي موسم جي مهينن لاءِ توانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل فرنس آئل جي ضرورتن جو جائزو ورتو، ڪميٽي وزارت کي ??دايت ڪئي ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ صنعتي ۽ رهائشي گهرج کي ??ورو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، ڪابينا ڪميٽي وزارت کي ??دايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي ??ق??ني بڻائي ته فرنس آئل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي ??ق??ني بڻائي.