اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ?? مراڪش جي سفير محمد ڪارمون ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن مسلمان امت کي درپ??ش چئلينجز ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان ?? مراڪش جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، اخوت ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، پاڪستان مراڪش سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي فروغ ڏئي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو.