لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻارن ۽ عورتن سان زيادتين جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ت?? عورت زيادتي ڪيس کي منطقي انج??م تائين پهچايو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزيراعظم نشي آور مصنوعا?? وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ۽ انتظاميا کي هدايت ڪئي ت?? ضرورت جي شين خاص ??ور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. هو لاهور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ انهن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.