اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو، ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آ??ي، ڪشمير تي اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن جو هو، ان تي قومي اتفاق راءِ آ??ي، پارلياماني اتفاق راءِ جي لاءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پاڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آ??ي، ??ير??ستقل ميمبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪستان اٺون ڀيرو ??ير??ستقل ميمبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خواج?? محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاه?? محمود قريشي چيو ته آئون واضح طور تي چوان ٿو ته جن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته عرب ملڪن جي موقف ۾ تبديلي آئي آ??ي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي پاليسي تي ن??رثاني نه ڪري رهيو هجي ته ائين هرگز نه آهي.