اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي رل??ف ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ان جي عملي قدمن جا ثمر عوام تائين پهچڻ شروع ٿ?? چڪا آهن، سي پي آءِ موجب خوراڪ جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي، کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ه??ندڙ سال جنوري جي 14.6 سيڪڙو جي شرح جي مقابلي ۾ گهٽ ٿي فيبروري ۾ 12.4 سيڪڙو ٿي ويون آهن.