ڪنڊيان/ اسلام آباد – 23 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻ پوکڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪستان جي ل??ءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻارن کي ان جو احساس نه آهي، پاڪستان ۾ ٻيلن کي اکين سان تباهه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مقامي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزير ٻيلن تي قبضو ڪندڙن کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊيان ۾ گرين پاڪستان مهم تحت بهار مو??م جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مقصد جي ل??ءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته پاڪستان جي ل??ءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.