اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڄي ??نيا ۾ ڪشمير مسئلو انتهائي دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪيو، مظلوم ڪشميري عوام مدد جي لاءِ پاڪستاني ڀينرن ڀائرن طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام ڪشميرين جي زخم کي پن????جي جسم تي محسوس ڪري ٿي، پن????جي آزادي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، والاريل ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني ڏاڍ جي خاتمي جو ڏينه?? اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.