لاهور – 10 جنوري (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن ڊيزائن مان وڏيون اميدون آهن، هي ادارو ملڪي م??نو??ات ۾ تخليقي انداز ۾ ويليو ايڊيشن ڪري روانگي واپار ۽ ملڪ جي وقار ۾ اضافي جو ذريع?? بڻجي سگهي ٿو. هن اها ڳالهه لاهور ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن ڊيزائن جي سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. صدر ان موقعي تي چيو ته پاڪستاني م??نو??ات کي عالمي م??يار تي آڻڻ جي لاءِ تخليقي انداز اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سل??لي ۾ پي آءِ ايف ڊي قابل قدر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جو هي ق??مي ادارو صنعتي شعبي ۾ جدت پيدا ڪري ان جي ترقي جو ذريع?? بڻجندو.