اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ س??ڙپ??اري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ??ه پاڪستان وٽ مناسب ٽيڪ ٽيلينٽ موجود آهي جڏهن ته ان جي معيشت غيرملڪي س??ڙپ??اري جي لاءِ وڌيڪ سازگار ٿي رهي آهي، پاڪستان آءِ ٽي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ س??ڙپ??اري جا وسيع موقعا پيش ڪيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين کي ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سنگاپور ۾ رهندڙ ٽيڪنالاجي انٽر پرينيورز جي اجلاس کي وڊيو ??نڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، ايڊوانس انٽيلي جنس گروپ جي جيف شيف، ذڪر سمر ۽ عمير جاويد وڊيو ??نڪ ذريعي جي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ??ه پاڪستان ۾ ٽيڪ ڪمپنين جي لاءِ ايپ ڊيولپمينٽ، AI تي ٻڌل ڊيجيٽل شناختي حل، ڊيجيٽل ادائيگين، اي ڪامرس ۽ ڊيجيٽل مٽاسٽا جي ناڻي جي پليٽ فارم جي شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ??ه پاڪستان جو ٽيڪ ٽيلينٽ عالمي مارڪيٽ جي لاءِ ڪشش جو هڪ وڏو ذريعو آهي. ٽيڪنالاجي تي ٻڌل حل اختيار ڪرڻ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته ڪاروباري ادارن کي پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، خاص طو?? تي مصنوعي ذهانت ۽ بگ ڊيٽا سليوشنز کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن ڊيٽا انٽيگريشن ۽ سائبر سيڪيورٽي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ون ونڊو جي ذريعي پرڏيهي س??ڙپ??ارن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. صدر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پرڏيهي س??ڙپ??اري جي سهولت ۽ معاونت جي حڪومتي عزم کي پڻ ساراهيو.