اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب خيبرپختونخوا کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 10 فوتگيون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 350 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 19 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 10 سيڪڙو، سرگوڌا ۾ 10 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 9 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي سراسري لحاظ کان ملتان ۾ 24 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 13 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 15 سيڪڙو، بنون ۾ 15 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 46 ه??ار 697 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 ه??ار 942، پنجاب ۾ 18 ه??ار 91، خيبرپختونخواهه ۾ 11 ه??ار 25، اسلام آباد ۾ 5 ه??ار 508، بلوچستان ۾ 583، گلگت بلتستان ۾ 285 ٽيسٽ ڪيا ويا. آزاد ڪشمير ۾ 263 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک 49 ه??ار 421 ٿي چڪو آهي. بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 87 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 9 ه??ار 829 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 12 لک 88 ه??ار 53 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 34 ه??ار 595، بلوچستان ۾ 33 ه??ار 519، گلگت بلتستان ۾ 10 ه??ار 422، اسلام آباد ۾ هڪ لک 8 ه??ار 22، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 8 ه??ار 514، پنجاب ۾ 4 لک 43 ه??ار 682 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 77 ه??ار 299 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 28 ه??ار 803 ٿي چڪو آهي، جن مان سنڌ ۾ 7 ه??ار 630 پنجاب ۾ 13 ه??ار 46 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. خيبرپختونخواهه ۾ 5 ه??ار 874 فوتگيون ٿيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. اسلام آباد ۾ ڪل 962 فوتگيون ٿيون. بلوچستان ۾ ڪل 362 فوتگيون ٿيون. گلگت بلتستان ۾ 186 فوتگيون ٿيون. آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 743 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 2 ڪروڙ 23 لک 85 ه??ار 347 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 640 اسپتالن ۾ 809 مريض علاج هيٺ آهن.