لاهور-26 نومبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت وار?? وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ ۾ اسڪولن کان ٻ??هر ٻارن جو هئڻ گهٽ شرح خواندگي ۽ ڪووڊ جي وبا دوران تعليم جو نقصان سنگين مسئلن ۾ شامل آهي، جن لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻ?? رهي آهي. مقامي هوٽل ۾ جاپان انٽرني??نل ڪارپوريشن ايجنسي جائيڪا جي پهرين جوائنٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ميٽنگ کي خطاب ڪر?? رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ جائيڪا جي چيف نمائندن، صوبائي سيڪريٽريز مئنجمينٽ سميت مختلف ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته اسڪول نه ويندڙ 78 سيڪڙو ٻارن جون عمريون 10 کان 16 سالن جي وچ ۾ آهن، جن کي اسڪولن ۾ واپس آڻڻ هڪ چئلينج آهي. هن جائيڪا جي تعليم جي حوالي سان مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو ۽ ٻُڌايو ته غير رسمي تعليم صوبائي معاملو آهي، صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته هو غير رسمي تعليم تي توجهه ڏين جنهن لاءِ اسان کي بهترين رابطن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اسان کي گهر ۾ ويهي تعليم حاصل ڪرڻ، وڏي عمر جي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ، لرننگ ليول کي ڪيئر ڪرڻ ۽ـ لرننگ لاءِ ٽيڪنالاجي ذريعي ٽيچرز جي ڊيوٽي تي موجودگي ۽ ليڪچر جي مانيٽرنگ جي لاءِ مڪينزم تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪووڊ 19 دوران ٽيلي اسڪول سسٽم شروع ڪرڻ سان حڪومت علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سان لرننگ ٽي وي چينلز شروع ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو. هن جائيڪا ج?? وفاقي ۽ صوبائي لٽريسي ڊپارٽمينٽ سان گڏ ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت اسڪولن کان ٻ??هر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ هڪ قومي نصاب لاءِ ڪم ڪر?? رهي آهي جنهن سان ملڪ ۾ تعليم جي ميدان ۾ انقلاب ايندو. هن چيو ته جيڪي ٻار 10 سال جي عمر ۾ غربت يا ڪنهن ٻ??ي سبب جي ڪري اسڪول ڇڏي وڃن ٿا انهن لاءِ اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انهن ٻ??رن کي اسڪلڊ بيسڊ ٽريننگ فراهم ڪئي وڃي ٿي ته جيئن والدين انهن کي هنرمند بنائڻ سان گڏ تعليم پڻ فراهم ڪري سگهن. هن ان ضرورت تي زور ڀريو آهي ته ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي پڻ جنرل ايجوڪيشن جو حصو بڻائڻ گهرجي. ان کان سواءِ اسان کي ريسرچ بيسڊ پاليسي جي ضرورت آهي جڏهن ته اسان جا فيصلا پڻ ريسرچ جي بنياد تي هئڻ گهرجن، اهڙيءَ طرح اسيسمينٽ جي طريقي کي پڻ ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪووڊ 19 دوران فاصلاتي تعليم جي اهميت ۾ واڌ ٿي، حڪومت نان فارمل ايجوڪيشن تي توجهه ڏئ?? رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ تعليم ذريعي اڳتي جي ترقي ڏئي سگهجي، هن چيو ته ”ميٽرڪ ٽيڪ“ لرننگ پروگرام والدين جي تعليم تي توجهه ڏيڻ وارن طرف پڻ هڪ وڏو منصوبو آهي. هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته جائيڪا وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان غير رسمي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعاون ڪندو رهندو. ان موقعي ت?? وفاقي ۽ صوبائي لٽريسي ۽ غير رسمي تعليم جي ادارن جي نمائندن پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي ۽ تجويزون پيش ڪيون. جوائنٽ سيڪريٽر?? وفاقي وزير تعليم ۽ پروفي??نل ٽريننگ وسيم امجد چڌر ان موقعي تي جائيڪا جي عملي پراجيڪٽ کي ساراهيو.