اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئر??ين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئر??ين چيو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئر??ين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي زخ??ين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئر??ين مرزا محمد آفريدي، قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر ??ڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.