پشاور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ??نهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري درست تجزيو ڪري افغانستان جي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ پنهن??و ڪردار ادا ??ري. افغانستان لاءِ امدادي سامان جي حوالگي جي حوالي سان گورنر هائوس پشاور ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان سان اسان جو تمام گهڻو مضبوط رشتو آهي، هن وقت افغانستان هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ان لاءِ عالمي برادري ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهن??و ڪردار ادا ??ري. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ پاڪ افغان دوستي گروپ گهڻو موثر ڪم ڪري رهيو آهي. افغانستان جي عوام سان تمام گهڻا پراڻا لاڳاپا آهن. اسان سدائين پنهنجي افغاني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيا آهيون اسان جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ??جي. پاڪستان ۽ هتي جي عوام افغانستان جي ترقي چ??هي ٿي. پاڪستان جي سرندي وارن ماڻهن کان افغان عوام جي امداد لاءِ اڳتي اچڻ جي درخواست ڪريان ٿو. عالمي برادري افغان مسئلي جو درست تجزيو ڪري عوام جي مدد ??ري. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي.