اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو آهي ته اهي ضرورت جي بن??ادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون اگهن ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻائين، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منص??با??ندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ضرورت جي بن??ادي شين جي طلب ۽ پهچ ۽ ان جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، منص??با??ندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خوراڪ واري وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص معاونين ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ص??با??ي چيف سيڪريٽريز ۽ سينيئر آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهو جي استعمال ۾ ايندڙ ضرورت جي بن??ادي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو خاص طور تي منڊي ۽ پرچون جي اگهن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو. ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي موجود اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان کني?? قدمن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کني?? قدمن کان پڻ اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. پنجاب جي چيف سيڪريٽري پنجاب صوبي ۾ قيمتن جي حوالي سان کنيل انتظامي قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتن جي استحڪام جي ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين ۾ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، هيستائين 7 اسسٽنٽ ڪمشنرز، مارڪيٽ ڪميٽين جي ٻن سيڪريٽرين کي معطل جڏهن ته ٻن ڊپٽي ڪمشنرز کي وارننگ ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان معاملا حتمي مرحلن ۾ آهن، ان جي نتيجي ۾ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 10 کان 15 رپيا في ڪلو گهٽتائي جي اميد آهي. ان موقعي تي وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪن??ي چيو ته ضرورت جي بن??ادي شين جي قيمتن سان عام ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته عام ماڻهو جو تحفظ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيف سيڪريٽرين کي حڪم ڏنو ته ضرورت جي بن??ادي شين جي قيمتن ۾ استحڪام خاص طور تي منڊي ۽ پرچون ۾ غيرمنطقي فرق کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن انتظامي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته رڳو انتظامي آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ناڪافي آهي، انتظامي قدمن جا نتيجا سامهون اچڻ گهرجن ته جيئن عوام کي ريليف ملي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي منص??با??ندي ۽ وقت سر قدمن کي يقيني بڻايو وڃي.